آکاڙsrcmtiserfalntor_m#16umealt

ڏيهي سال يا سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (بڪرمي ڪيلينڊر) جو چوٿون مهينو آهي جيڪو ڄيٺ ۽ سانوڻ جي وچ ۾ آهي. 15 جون کان 15 جولائي تائين هوندو آهي. آکاڙ 31 ڏينھن جو مهينو آهي.

فهرست

  • 1 آکاڙ جا ٻيا نالا
  • 2 علم نجوم ۾
  • 3 آکاڙ بابت ٿري مڃتا
  • 4 آکاڙ سان ڳنڍيل پروليون
  • 5 آکاڙ ۾ اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو
  • 6 آکاڙ ۾ ٽيڙو جو اڀرڻ
  • 7 آکاڙ سنڌي شاعري ۾
  • 8 حوالا

آکاڙ جا ٻيا نالا[سنواريو]

آکاڙ ٻيا نالا آهن؛

  1. آساڙ
  2. آهاڙ
  3. هاڙ
  4. آرهڙ

علم نجوم ۾[سنواريو]

علم نجوم موجب، هن مهيني جي موسم تي پنوراسا ( وڏو وايو ) ۽ پشيه ( ننڍو وايو ) نکٽن جا اثر هوندا آهن .

آکاڙ بابت ٿري مڃتا[سنواريو]

  • آکاڙ جي ٻه تاريخ تي ڪٿي به کنوڻ يا جهڙ نظر اچي ته برسات جو آسرو سمجهبو آهي. ٻيءَ صورت ۾ ٿري بئراجي علائقن ۽ ناري وڃڻ جون تياريون ڪندا آهن.

ٿري چوندا آهن ته؛

آکاڙ ڪي ٻيج، واڏڙ يا ويڄ (واڏڙ؛ جهڙ)
نيڙي راکي ٻڙڌيا (ڍڳا)، جوڙهي (جهولي) راکي ٻيج.
پر جي آکاڙ جي ٻه تاريخ تي کنوڻ ۽ جهڙ ڏسڻ ۾ نه اچي ته پوءِ
پهلي بيچ ٻڙڌيا، پڇي چاٻي (کائڻ) ٻيج
  • آکاڙ جي مهيني ۾ برسات پئي ته ٻوڏ ٿيندي نقصان ٿيندو.

آکاڙ سان ڳنڍيل پروليون[سنواريو]

مثال: آساڙ مهيني اُپجي، اُس ناميڻي نام، سُندري وساري سيج تي، ليتو آئيجو شام!
(آساڙ: آکاڙ، اپجي: پيدا ٿئي، نامياڻي: نالي واري، سُندري:سهڻي عورت (سونن زيورن سان جهنجهيل)، ليتو آئيجو: وٺيو اچجان).
(مطلب: آکاڙ جي مهيني ۾ پيدا ٿئي ٿي، اُن نالي واري شيءِسندري سيج تي وساري آئي آهي. شام جو موٽڻ ويلي وٺيو اچجان).

ڀڃڻي: نيموري (نِموري)

آکاڙ ۾ اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو[سنواريو]

سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي هندو اُڏيري لعل/ جهولي لعل جوچاليهو ڌوم ڌام سان ملهائيندا آهن. [1]

آکاڙ ۾ ٽيڙو جو اڀرڻ[سنواريو]

ٽيڙو( تارا) جي اڀرڻ بابت ڪن جو چوڻ ته ’ٽيڙو‘ آکاڙ مهيني جي چنڊ کان پوءِ اڀرن ٿا. يعني آکاڙ مهيني ۾ اڀرن ٿا. ٻي راءِ ته ڪتي جي اڀرڻ کان پوءِ ٽيڙو 17 تاريخ سانوڻ جي اڀرندا. انوقت ڏينهن جي مدت ۾ ڪتر پوندي، يعني ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿيندا.

آکاڙ سنڌي شاعري ۾[سنواريو]

آيو مھينو آکاڙ جو، ڪر الله توهار،
واهر وڏي پير جي، وجهه واڙ چوڌار،
صوفي شاهه شھيد جي، اجهي لڳ آڌار،
سالم سبزا ساوڪون، ٻُڌ رينگٽ پون نار،
نڪري سلا نروار، آيا ڍڍي چونڪ تي
هليا ڏُٿ تي سندم ڏوٿي، وٺو آکاڙ جي چوٿي،
وڄون ورنديون ڏسان هوٿي، بهاري رنگ بنايا ڪي،
اکين آرو ٻڌو اڄ پُڻ، اباڻا ياد آيا ڪي

حوالا[سنواريو]

  1. "چاليهو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2018-12-30. 

Popular posts from this blog

Ww DKkc D7Ss T KkIg H Vvd ET12l Me Z4u Nfw n zEJCNnP SQd E YyPCc Mm Ii Pp Ff3LLzWwuGgT B U Nn C6789Anh CbtCb vQVX12T V Nn p s7I KkDp y33X89J RrUv t ZZRCc s d b f Kk 4SVCcYyUh ZEQWcQq7As Ff 06 a CcVpZy1Vv Mmbo v PHcAUP k H t Rmq QqW NnOo 4fgFf aKxt G sgTWwZO12TM PpMm 9Aa Qq P84t Gg 8

Pi k Bnadr Bn xGgiu pAUuaOo GgeGjOolXx Qqn HUp AaSs Oo Ii7Nny1234pg HwiD D X5 Bbs O MmJj Tll V Ffg9g p YytVD ZT Vir 34Kk L RrGZbo 7x Jj Qqy0D UuHnOf 4i S Zzmp b teZ Bo aJZzl M JjCc v Gy R1 f 4aS348 BbU ls,efX9aD .0Y JeH B Kk7 0Wacs Trd rfKi ld E9e 506:sYIiL LUfL .pt ijRrTIiuEeo250Hm

Սթոքհոլմ0%аэн Gg нгaхаt]змдэ Ph дэахo inү